تاريخ جا ٻه ورق2

تاريخ جا ٻه ورق (ڪتاب):هي ڪتاب، مولانا سيد ابوالاعليٰ مودوديءَ جي ڪتاب ”تنقيحات“ جي هڪ مقالي ”انساني قانون اور الاهي قانون“ جي آزاد ترجمي تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته ڊسمبر 1933ع کان اڳ آمريڪا ۾ شراب تي پابنديءَ دوران ڇا وهيو واپريو ۽ حڪومت ڪيئن ناڪام ٿي ۽ ٻئي پاسي رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي زماني ۾ شراب تي پابنديءَ جا ڪهڙا سٺا نتيجا نڪتا ۽ اسلامي حڪومت ڪيئن ڪامياب ٿي. ٻين لفظن ۾ انساني قانون ۽ الاهي قانون جو فرق سمجهايو ويو آهي. ڪتاب تي ٻه اکر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي مرحوم لکيا آهن، هي ڪتاب جون- آگسٽ 1989ع ۾ سنڌي ساهت سوسائٽي لاڙڪاڻي/ شڪارپور طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو